سنگت قنبر جو تعارف

سنڌي ادبي سنگت شاخ قنبر جو مختصر تعارف

سنگت قنبر

سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي واڌ ۽ ويجهه لاءِ سهڻيءَ سنڌ ۾ قائم ”سنڌي ادبي سنگت، سنڌ“ (سنڌ سنگت) جي (2006ع موجب) 130 شاخن مان، اڳوڻي لاڙڪاڻي ضلعي ۽ هاڻوڪي قنبر-شهدادڪوٽ ضلعي جِي ”سنڌي ادبي سنگت قنبر شاخ“ پنهنجن ادبي پروگرامن ۽ گڏجاڻين سبب هڪ سرگرم شاخ رهي آهي، جنهن نه صرف سنڌ سنگت جي مرڪزي اجلاسن ۾ ڀرپور شرڪت ڪري پنهنجي هئڻ کي محسوس ڪرايو آهي ۽ مرڪزي طور فعال ڪردار ادا ڪيو آهي، پر سنڌ سنگت هڪ مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري رياضت ٻرڙو ۽ ٻه ضلعي رابطا سيڪريٽري سرمد چانڊيو ۽ ڀائو درمحمد ٻرڙو به ڏنا آهن.

سنگت قنبر سنڌ جي انهن مخصوص شاخن منجهان هڪ آهي جن شاخن کي پنهنجي ادبي اخبار، انٽرنيٽ تي ويب سائيٽ آهي.

هن شاخ جي اها به انفراديت آهي ته هن شاخ جا اڪثر ميمبر صاحبِ ڪتاب آهن ۽ هن شاخ جون هفتيوار تنقيدي گڏجاڻيون تسلسل سان ٿينديون رهن ٿيون.

مختصر ته سنڌي ادبي سنگت شاخ قنبر سنڌي ادبي سنگت جي مکيه شاخن مان هڪ مشهور ۽ سرگرم شاخ آهي.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

                                            مٿي وڃو

 

 
 
 

sangat counter


ويب ايڊيٽر:

عباس ڪوريجو

03003434235



 

A PROJECT BY KAMBESOFT WEB DESIGNERS, COPY RIGHTS ©2008_2010

کرڪڻا لاهي سک نه ستا ڪڏهين،اوسيئڙو آهي کاهوڙين کي پنڌ جو.(شاه لطيف)